اسلام آباد(بيورو رپورٽ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ڇنڇر ڏينهن انساني حقن جي وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا خلاف انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل حفاظتي رڪاوٽون هٽائڻ واري معاملي ۾ دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالتي حڪم باوجود ٻنهي جوابدارن کي ذاتي طور پيش نه ڪرڻ تي جيل اختيارين کان وضاحت پڻ طلب ڪئي وئي، جيڪا مختصر وقفي کانپوءِ پيش ڪئي وئي.
عدالت اڱاري ڏينهن هن ڪيس ۾ ٻنهي زال مڙس تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو. ٻنهي ڄڻن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته کين ڪيس جي رڪارڊ جون ڪاپيون فراهم نه ڪيون ويون ۽ نه ئي کين پنهنجن وڪيلن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج طاهر عباس سپرا ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن دهشتگرديءَ جا قلم لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ ڪنهن به جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ نه ئي جيل انتظاميا جو ڪو نمائندو سندن غيرحاضريءَ جو سبب ٻڌائڻ لاءِ پيش ٿيو.
جج استغاثه ۽ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ٽيليفون ذريعي جيل اختيارين سان رابطو ڪري جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ جو سبب معلوم ڪن. هن صبح 11 وڳي تائين واٽس ايپ ذريعي لکت ۾ وضاحت جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
وڪيل ايمل خان عدالت کي درخواست ڪئي ته ٻنهي جوابدارن جي ذاتي حاضري يقيني بڻائي وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته اڳوڻي عدالتي حڪم ۾ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته جوابدارن کي يا ته ذاتي طور يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي.
بعد ۾ ٻنهي زال مڙس کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڊاڪٽر شيرين مزاري پڻ عدالت ۾ موجود هئي، جڏهن ته وڪيل زينب جنجوعه ۽ ايمل خان به ٻڌڻيءَ ۾ شريڪ ٿيا.
ٻڌڻي جي شروعات ۾ جج سپرا گذريل ٻڌڻي دوران ڪڍيل تصويرن بابت پڇا ڪئي ۽ عدالت جي ڪمري اندر موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. عدالت ۾ رپورٽرن جي درخواست تي بعد ۾ اها پابندي ختم ڪئي وئي.
وڪيل زينب جنجوعه عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، جتي سندن درخواست تي سومر ڏينهن ٻڌڻي مقرر آهي. هن ٽرائل ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته هاءِ ڪورٽ ۾ سندن درخواست تي غور ٿيڻ تائين ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي.
جج سپرا ريمارڪس ڏنا ته، ”ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ جيڪڏهن فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو ته سموري ڪارروائي ختم ٿي ويندي.“
هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته ٽرائل ڪورٽ پنهنجي ڪارروائي اڳتي نٿي وڌائي سگهي.
جج اهو سوال پڻ اٿاريو ته هن مرحلي تي ٽرائل ڇو رڪيل آهي، جڏهن ته اعليٰ عدالتون لاڳاپيل معاملن تي اڳ ئي غور ڪري چڪيون آهن ۽ ان کان اڳ سبب ڄاڻايو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو هو.
زينب جنجوعه جيل اختيارين پاران مقرر ٿيل ضابطن باوجود بار بار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي سوال اٿاريو. هن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي، ڇاڪاڻ ته سينيئر وڪيل رياست علي آزاد موجود نه هو.
وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، منصفاڻي ٽرائل جو سوال
وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي دوران هادي علي چٺا عدالت کي ٻڌايو ته هو ۽ سندس گهرواري جج جو احترام ڪن ٿا ۽ باقاعدگيءَ سان سندس عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن.
منصفاڻي ٽرائل جي اصول جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هنن جج کان سکيو آهي ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ عدالتي ڪارروائي نٿي هلائي سگهجي.
هن سوال ڪيو ته، ”اسان کي عدالت ۾ پيش ڇو نٿو ڪيو وڃي؟“
هن آئين جي آرٽيڪل 10 تحت منصفاڻي ٽرائل جي حق جو حوالو ڏيندي پڇيو ته سندن ان حق جو تحفظ ڪيئن ڪيو پيو وڃي. هن اخبارن ۾ شايع ٿيل انهن خبرن جو پڻ ذڪر ڪيو، جن ۾ چيو ويو هو ته مٿن فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
جج سپرا پڇيو ته ڇا زال مڙس فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن فرد جرم قانون موجب لاڳو نه ڪيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ان کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي.
جج جيل جي هڪ عملدار کي هدايت ڪئي ته وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيندڙ جوابدارن لاءِ ڪرسيون رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن اهو به پڇيو ته عدالتي حڪم باوجود کين ذاتي طور عدالت ۾ ڇو نه آندو ويو.
عدالت لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ بابت صبح 11 وڳي تائين لکت ۾ وضاحت جمع ڪرائي وڃي. جيل انتظاميا جي رپورٽ اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.
دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪرڻ واري درخواست اڪلائي وئي
ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي عدالت دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪرڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت چيو ته ٻنهي جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانسواءِ هن مرحلي تي درخواست ۾ گهريل رليف ڏيڻ مناسب نه هو، جڏهن ته سندن وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو.
ڪارروائي دوران عدالت جيل اختيارين جي پيش ڪيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام آباد پوليس ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي عدالت ۾ آڻڻ لاءِ گهربل پوليس اسڪارٽ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي.
عدالت مشاهدو ڪيو ته پوليس پاران گهربل حفاظتي انتظام نه ڪرڻ سبب ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو ويو.
وڪيل زينب جنجوعه چيو ته رياست پاڻ تسليم ڪري رهي آهي ته پنهنجي ئي نااهليءَ سبب جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.
هن چيو ته، ”هڪ طرف رياست عدالت کان اڄ ئي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف ساڳي رياست ايمان ۽ هادي کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.“
هن موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي حاضري يقيني نه بڻائڻ سندن منصفاڻي ٽرائل جي حق کي متاثر ڪري رهيو آهي.
ايمان ۽ هادي جي ٻيهر گرفتاري
وڪيل زال مڙس 23 جنوري کان جيل ۾ آهن. کين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ ۽ مبينا طور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سان هٿين پوڻ جي الزام ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
سندن گرفتاريءَ تي انساني حقن جي تنظيمن، سياستدانن ۽ صحافين تنقيد ڪئي هئي ۽ ٻنهي لاءِ منصفاڻي ٽرائل جي حق تي زور ڏنو هو.
گرفتاريءَ کان رڳو هڪ ڏينهن پوءِ سيشن ڪورٽ هڪ ٻئي ڪيس ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري قانون پيڪا تحت مختلف الزامن تي ٻنهي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اهو ڪيس تڪراري سوشل ميڊيا پوسٽن سان لاڳاپيل هو.
سندن سزائن جي وڪيلن ۽ گڏيل قومن جي ماهرن وڏي پيماني تي مذمت ڪئي هئي.
17 سيپٽمبر تي عدالتن ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين قانوني ڪارروائي هلڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ ٻنهي جون سزائون معطل ڪري ڇڏيون هيون. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف سندن اپيلن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حتمي فيصلو اچڻ تائين کين آزاد ڪيو وڃي.
پر اهو رليف گهڻي دير برقرار نه رهيو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسلام آباد پوليس ٻنهي کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
جنهن نئين ڪيس ۾ ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو، اهو گذريل سال 22 مارچ تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي ڪوهسار ٿاڻي تي سٽي مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس تي حڪومت مخالف نعرا هڻڻ ۽ رستا بند ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا هئا، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ٻنهي جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا هئا. بهرحال، ڪيس داخل ٿيڻ وقت دهشتگردي ٽوڙ قانون جو ڪو به قلم شامل نه ڪيو ويو هو.










