بجلي بلن ۾ تفصيل ٻڌائڻ کان سواءِ ٽيڪس وصولي نه ڪرڻ جو حڪم

بجلي بلن ۾ تفصيل ٻڌائڻ کان سواءِ ٽيڪس وصولي نه ڪرڻ جو حڪم

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي بجلي جي بل ۾ تفصيل ٻڌائڻ کان سواءِ ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بل ۾ مختلف ٽيڪسز جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو.عدالت درخواستگذار جي بجلي جي بل ۾ تفصيل ٻڌائڻ کان سواءِ ٽيڪسز وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو جڏهن ته ساڳئي نوعيت جي ٻين درخواستن کي گڏ ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب درخواستگذار بجلي جي بلن جي باقاعده ادائيگي ڪندو آهي. آگسٽ جي بجلي جي بل ۾ بنا ڪنهن وضاحت جي غير ضروري ٽيڪس شامل ڪيا ويا.عدالتي آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته درخواست موجب لاڳاپيل اختيارين انهن کي بل جي بار ڪوڊ کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو چيو. بار ڪوڊ کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ سان خبر پئي ته بجلي جي بل ۾ ايڪسٽرا ٽيڪس ۽ فردر ٽيڪس وصول ڪيا ويا آهن جڏهن ته انهي کان اڳ ڪڏهن به بجلي جي بل ۾ اهي ٽيڪس شامل نه ڪيا ويا هئا. پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو