فلم ”گھوسٽ اسڪول“ تي پابندي بابت فيصلي لاءِ 2 هفتا مهلت

فلم ”گھوسٽ اسڪول“ تي پابندي بابت فيصلي لاءِ 2 هفتا مهلت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ ۾ فلم ”گھوسٽ اسڪول“ جي نمائش جي اجازت نه ڏيڻ بابت درخواست تي سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز کي درخواست تي سمورين ڌرين کي ٻڌي ٻن هفتن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ ۾ فلم ”گھوسٽ اسڪول“ جي نمائش جي اجازت نه ڏيڻ خلاف فلم سازن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ سينسر بورڊ جو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار جي وڪيل معيز بيگ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته فلم کي وفاقي سطح تي نمائش لاءِ اجازت مليل آهي، جڏهن ته پنجاب سينسر بورڊ ۽ سينٽرل سينسر بورڊ پڻ فلم جي نمائش جي منظوري ڏئي چڪا آهن. وڪيل چيو ته عجيب صورتحال اها آهي ته فلم ڪراچي جي ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڏيکاري سگهجي ٿي، پر سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ علائقن ۾ ان جي نمائش جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. عدالت سنڌ سينسر بورڊ جي سيڪريٽري کان پڇيو ته ”ڇا فلم ۾ ڪو جن آهي، جو اجازت نه پئي ڏني وڃي؟“سنڌ سينسر بورڊ جي سيڪريٽري جواب ڏنو ته هو عدالت ۾ ان بابت تفصيل نٿو ٻڌائي سگهي، ڇاڪاڻ ته فلم کي سينسر ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ”توهان شيون لڪائي نٿا سگهو، عدالت کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پوندو. عدالت کي معاونت فراهم ڪرڻ ضروري آهي، سڀ ماڻهو هتي عدالت جي معاونت لاءِ اچن ٿا.“ عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سبب لڪايا ويا ته عدالت درخواست منظور ڪري سگهي ٿي. ان تي سنڌ سينسر بورڊ جي سيڪريٽري عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موجب سنڌ موشن ايڪٽ 2011 تحت ڪنهن فلم کي سينسر سرٽيفڪيٽ کان انڪار صرف مخصوص قانوني بنيادن تي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ مذهب، قومي سلامتي، بين الاقوامي لاڳاپن يا اخلاقيات خلاف مواد شامل آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سينسر بورڊ جو فيصلو قانون ۾ ڄاڻايل ڪنهن به بنياد تحت نٿو اچي ۽ فلم ۾ رڳو ”گھوسٽ اسڪولز“ يعني غيرفعال يا رڳو ڪاغذن ۾ موجود اسڪولن جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته فلم کي برطانيا جي ايشين فلم فيسٽيول ۾ بهترين هدايتڪاري جو ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته فلم سازن کي نه ڪو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ نه ئي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. عدالت سنڌ سينسر بورڊ کي نظرثاني درخواست تي سمورين ڌرين کي ٻڌي ٻن هفتن اندر قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو