ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت چئن جوابدارن کي ضمانت ڏئي ڇڏي، جن ۾ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جا ٻه آفيسر پڻ شامل آهن. جوابدارن تي افغان شهرين لاءِ جعلي سڃاڻپ جا دستاويز تيار ڪرڻ ۾ مبينا طور ملوث هجڻ جو الزام آهي.
چئن جوابدارن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امام الحق، ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض احمد، چوڪيدار جنيد احمد ۽ خانگي ايجنٽ محمد عمر شاهه کي هر هڪ هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت ڏني وئي.
سندن وڪيل ايڊووڪيٽ شوڪت حيات دليل ڏنو ته سندس موڪلن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کنڀي ورتو هو، پر انهن جي گرفتاري حراست ۾ وٺڻ کان چار ڏينهن پوءِ ظاهر ڪئي وئي.
هن موقف اختيار ڪيو ته استغاثه وٽ اهڙو ڪو مضبوط ثبوت موجود ناهي، جنهن سان جوابدارن جو جعلي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊن (CNICs) جي تياري ۾ مبينا ڪردار ثابت ٿي سگهي.
وفاقي جاچ اداري، ايف آءِ اي، جي نمائندگي ڪندڙ اسپيشل پراسيڪيوٽر ضمانت جي درخواستن جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته درخواستگذارن کي ڏوهن جي ارتڪاب سان ڳنڍڻ لاءِ ڪافي ثبوت موجود آهن.
تنهن هوندي به عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جوابدارن کي گرفتاري کان پوءِ ضمانت ڏئي ڇڏي.
ياد رهي ته جوابدارن کي 22 جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي جو الزام هو ته اهي جعلي ۽ ڪوڙن دستاويزن جي بنياد تي غيرملڪي شهرين لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تيار ڪرڻ، انهن جي پروسيسنگ، منظوري ۽ جاري ڪرڻ ۾ مبينا طور ملوث هئا، جنهن سان قومي رجسٽريشن نظام جي سالميت متاثر ٿي ۽ انهن کي غيرقانوني مالي فائدو حاصل ٿيو.










