ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ هاءِ ڪورٽ آئس برآمدگي ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي ملزم سخي داد جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته تفتیشي آفيسر ڪيس پراپرٽي بروقت جمع نه ڪرائي، جڏهن ته ملزم وٽان هٿ آيل منشيات به مقرر وقت اندر ڪيميڪل ايگزامنر وٽ نه موڪلي وئي. پراسڪيوشن موجب ملزم سخي داد کي 24 جولاءِ 2024ع تي موچڪو ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس قبضي مان هڪ هزار 20 گرام آئس برآمد ٿي هئي. پراسڪيوشن موجب ماتحت عدالت جولاءِ 2025ع ۾ ملزم سخي داد کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ملزم جي وڪيل عدالت کي موقف ڏنو ته سندس موڪل تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن ۽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني خاميون موجود آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ اپيل منظور ڪندي ملزم سخي داد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










