اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اسپتال منتقلي بابت توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 16 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.رجسٽرار آفيس موجب، لاڳاپيل ڪيٽيگري ۾ اهڙيون 94 درخواستون اڳ ۾ ئي التوا ۾ آهن، جن ۾ عظميٰ خان جي توهين عدالت جي درخواست آخري درخواست آهي جيڪا داخل ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل روسٽر موجب، 16 سيپٽمبر تي بينچ نمبر 5 جسٽس شاهد وحيد، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي مشتمل هوندي.










