آئيني عدالت جو مونال ڪيس بابت فيصلو جاري

آئيني عدالت جو مونال ڪيس بابت فيصلو جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت مونال ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي سي ڊي اي ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.تفصيلي فيصلي موجب سپريم ڪورٽ جو 21 آگسٽ 2024ع وارو فيصلو بيان ڪيل حدن تائين ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو نظرثاني فيصلو پڻ برقرار نٿو رهي سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مونال ڪيس ۾ عدالتي اختيار جي حدن کان تجاوز سبب سنگين ناانصافي ٿي، جڏهن ته متاثر ڌرين کي مؤثر ٻڌڻيءَ جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ سندن حقن بابت فيصلو ڪيو ويو. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته اعليٰ ترين عدالت جو فيصلو به صرف حتمي هجڻ جي بنياد تي، متاثر ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ برقرار نٿو رکي سگهجي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي لاڳاپيل حالتن ۾ مونال ڪيس جي ٻڌڻي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو