پاڪستان پاران سعودي عرب تي ڊرون حملن جي  مذمت

پاڪستان پاران سعودي عرب تي ڊرون حملن جي مذمت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان سعودي عرب ۾ ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته شهري ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رياض ۽ مديني ۾ ايسٽ ويس پائپ لائن تي ڊرون حملن سبب شهري زخمي ٿيا، سعودي عرب تي ڊرون حملا خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن.ترجمان ٻڌايو ته سعودي عرب جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ارادو ڪريون ٿا. پاڪستان سعودي قيادت، حڪومت ۽ اتان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مخلصانه ڪوششون جاري رکندو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب جي ايسٽ ويسٽ پائپ لائن تي عراق کان ڊرون حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. سعودي عرب رياض ۽ مديني جي علائقن ۾ آئل پائپ لائن تي حملن کان پوءِ ايسٽ، ويسٽ پائن لائن کي حفاظتي قدمن جي طور تي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. سعودي توانائي واري وزارت موجب 1200 ڪلو ميٽر ڊگهي پائپ لائن کي احتياطي قدمن جي طور تي بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو