اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪڻڪ جي فراهمي وڌائڻ سميت سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسحاق ڊار چيو ته خوراڪ جي تحفظ ۽ ضروري شين جي مناسب اگهن تي دستيابي حڪومت جي ترجيح آهي، جڏهن ته ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ روزمرهه جي استعمال وارين ضروري شين جا ذخيرا اطمينان جوڳا آهن، جڏهن ته کنڊ جا ذخيرا ايندڙ ڪرشنگ سيزن تائين ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن.










