اَي آءِ پيچيده ڪوڊ ٽوڙيا ته آمريڪا ۽ چين لاءِ خطرو وڌندو

اَي آءِ پيچيده ڪوڊ ٽوڙيا ته آمريڪا ۽ چين لاءِ خطرو وڌندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جڏهن آمريڪا جا مصنوعي ذهانت (AI) جا محقق ان خدشي ۾ مبتلا آهن ته قابو کان ٻاهر سپر انٽيليجنس انسانيت جو خاتمو آڻي سگهي ٿي، تڏهن چين جا پاليسي ساز هيل تائين وڌيڪ فوري خطرن تي ڌيان ڏيندا رهيا آهن، جن ۾ ڊيپ فيڪس کان وٺي ٻارن جي حفاظت تائين جا معاملا شامل آهن.
پر مصنوعي ذهانت جي جديد ماڊلز جي حيران ڪندڙ هيڪنگ صلاحيت بيجنگ کي هاڻي انهن خطرن کي نئين انداز سان ڏسڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. چين جي جاسوسي اداري جي سربراهه هن هفتي خبردار ڪيو آهي ته هي ٽيڪنالاجي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.
چين جي وڏي ايپ، وي چيٽ (WeChat) جي امڪاني ڪمزوري پڻ تازو سامهون آئي، جڏهن ڪيليفورنيا جي پروگرامرن جي هڪ ننڍڙي ٽيم دعويٰ ڪئي ته هن مصنوعي ذهانت جي مدد سان هڪ سائبر حملي وارو ”ورم“ تيار ڪيو آهي، جيڪو جيڪڏهن آزاد ڪيو وڃي ته لکين وي چيٽ اڪائونٽن کي آساني سان متاثر ڪري سگهي ٿو.
آمريڪا ۾ قائم ٽيڪنالاجي هيج فنڊ انٽرڪنيڪٽڊ ڪيپيٽل جي باني ڪيون شوKevin Xu چيو ته چين ۽ آمريڪا ۾ ”مصنوعي ذهانت جي سلامتي بابت مسئلن ۾ فرق کان وڌيڪ هڪجهڙايون آهن.“
پر هن AFP کي ٻڌايو ته آمريڪا جي ابتڙ چين ۾ اهي مسئلا ”عدالتي بحث جو موضوع نٿا بڻجن ۽ نه ئي عوامي سطح تي وائرل ٿين ٿا.“
تنهن هوندي به، انساني نگراني کانسواءِ ڪم ڪندڙ مصنوعي ذهانت جي ايجنٽ بوٽس جا سائبر سلامتي تي اثر ”چيني حڪومت جي سڀ کان وڏين ڳڻتين ۾ تمام مٿانهين درجي تي“ هوندا.
جڏهن هي معاملو عالمي سرخين جو حصو بڻجي رهيو آهي، تڏهن صدر شي جن پنگ ۽ سندس آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته هو خميس ڏينهن ٿيندڙ روبرو ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ مصنوعي ذهانت جي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت ڳالهائين، جيتوڻيڪ هن شعبي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي.
سنگهوا يونيورسٽي جي مرڪز براءِ بين الاقوامي سلامتي ۽ حڪمت عملي جي سن چينگهائواي ايف کي ٻڌايو ته ٻئي ملڪ ”انهن خطرن بابت وڌيڪ حقيقت پسند ۽ گڏيل سمجهه پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي تڪڙ جو احساس وڌي رهيو آهي.“
بهرحال، مصنوعي ذهانت جي ماڊلز جي گڏيل سلامتي جائزي يا بحران پيدا ٿيڻ وقت خبرداري وارن نظامن بابت سهڪار سخت مقابلي سبب متاثر ٿي سگهي ٿو.
جڏهن آمريڪا جي وڏين ليبارٽرين طرفان پنهنجي جديد ترين تحقيق کي هم آهنگ طريقي سان سست ڪرڻ جي مطالبن بابت ٽرمپ کان پڇيو ويو ته هن چيو: ”اسان مصنوعي ذهانت ۾ چين کان اڳتي آهيون… ۽ صاف ڳالهه اها آهي ته مان چاهيان ٿو ته اها صورتحال برقرار رهي.“
ٻئي طرف سن چيو ته ”چين کي خدشو آهي ته ’سلامتي‘ جي اصطلاح کي سندس ٽيڪنالاجي جي ترقي محدود ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪيو وڃي.“
’ڪمزور صورتحال‘
خود کي بهتر بڻائيندڙ مستقبل جي مصنوعي ذهانت جي نظامن سان پيدا ٿيندڙ انسانيت جي وجود لاءِ خطري بابت هڪ محقق طرفان ايڪس تي پوسٽ ڪيل سخت خبرداري، جيڪو آمريڪي اسٽارٽ اپ Anthropic مان استعيفيٰ ڏئي رهيو هو، سڄي دنيا ۾ ان بحث کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي ته هن ٽيڪنالاجي کي ڪيئن ضابطي ۾ رکيو وڃي.
چين اڳ ئي مصنوعي ذهانت جي استعمال کي فعال طور تي ضابطن هيٺ آڻي رهيو آهي. مثال طور، ڪنهن شخص جي رضامندي کانسواءِ ان جي شڪل ۽ مشابهت رکندڙ مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل اوتار ٺاهڻ تي پابندي آهي.
بيجنگ ۾ مصنوعي ذهانت جي سلامتي بابت ڪم ڪندڙ صلاحڪاري اداري Concordia AI جي چيف ايگزيڪيوٽو Brian Tse چيو ته ”چين جي مصنوعي ذهانت بابت پاليسي سماج ۽ ماڻهن کي موجوده دور ۾ پهچندڙ حقيقي نقصانن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي.“
هن چيو ته ”بيجنگ مصنوعي ذهانت کي عام مقصد واري ٽيڪنالاجي سمجهي ٿو، نه ڪي ’دٻي ۾ بند خدا‘.“
Tse موجب چين ان کي ”بجلي يا گاڏي جي وڌيڪ ويجهو شيءِ سمجهي ٿو: جيڪا سماج ۽ صنعت لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي، پر آخرڪار ضابطن ذريعي ان کي منظم ڪري سگهجي ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مصنوعي ذهانت جي صلاحيتن ۾ تازيون تيز واڌون، اهم واقعن مان ملندڙ ’خبرداري جا اشارا‘ ۽ خودڪار طريقي سان مصنوعي ذهانت جي ترقي جي پريشان ڪندڙ رفتار“ انهن ٽيڪنالاجي کي حڪومت جي ترجيحن جي فهرست ۾ وڌيڪ مٿي آڻي ڇڏيو آهي.
شنگهائي جي گهٽين ۾ اي ايف پيمصنوعي ذهانت بابت ماڻهن ۾ ڳڻتي سان گڏ عملي سوچ جو به هڪ ميلاپ ڏٺو.
42 ورهين جي Xie Zongbo چيو: ”منهنجي خيال ۾ ڪا به نئين ٽيڪنالاجي مڪمل طور تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ترقي نٿي ڪري.“
هن چيو ته وي چيٽ ۾ داخل ٿي سگهندڙ سائبر حملي واري ”ورم“ بابت خبر شايد حقيقت ۾ ”هڪ سٺي ڳالهه“ هجي، ڇاڪاڻ ته ”مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ، ان کي حل ڪرڻ ۽ ڪمزوري کي ختم ڪرڻ آخرڪار سائبر سلامتي جي ترقي لاءِ فائديمند آهي.“
مصنوعي ذهانت تي سخت ضابطن لاءِ پڻ وڏي پيماني تي حمايت نظر آئي.
50 ورهين جي هڪ دواسازي جي ملازم عورت، جنهن پنهنجو نالو جيني ٻڌايو، چيو: ”منهنجو خيال آهي ته ڪوبه ڪاروبار… ڪڏهن به پاڻ تي پابنديون لاڳو نه ڪندو.“
هن مثال ڏيندي چيو: ”ٽريفڪ کي ڏسو: ڊرائيور ڪڏهن به اهو نه چوندا ته ’مان چاهيان ٿو ته سڀئي ٽريفڪ سگنل ڳاڙها هجن.‘“
سنگاپور ۾ قائم Inspired AI جي باني Jia Zijian چيو ته سندس سڀ کان وڏي ڳڻتي اها آهي ته انتهائي طاقتور مصنوعي ذهانت جا ماڊل پيچيده پاس ورڊ ٽوڙڻ سکي وڃن.
هن چيو: ”فرض ڪريو ته اهي انتهائي اهم پاس ورڊ يا قومي سلامتي جا ڳجها ڪوڊ آساني سان ٽوڙيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾… چين ۽ آمريڪا ٻنهي پاڻ کي ڪمزور حالت ۾ محسوس ڪندا: جيڪڏهن اسان (چين) جون صلاحيتون ايتريون مضبوط هجن جو اهي ڪوڊ ٽوڙي سگهن ته آمريڪا پاڻ کي خطري ۾ محسوس ڪندو.
۽ جيڪڏهن انهن جون صلاحيتون ايتريون مضبوط هجن ۽ اسان وٽ بچاءَ جا مناسب انتظام نه هجن، ته پوءِ اسان به ساڳيءَ طرح ڪمزور صورتحال ۾ هونداسين.“

پهنجو تبصرو موڪليو