ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھدادڪوٽ جي عوام جي لاءِ پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نئون روٽ شروع ٿيڻ سان لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھداڪوٽ جي شھرين کي جديد، آرامدھ ۽ سستي سفري سھولت ملندي. ھن چيو تھ پيپلز بس سروس کي سنڌ جي مختلف ضلعن تائين وڌايو پيو وڃي تھ جيئن وڌ کان وڌ شھرين کي معياري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏئي سگھجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جو عزم آھي تھ صوبي جي ھر علائقي جي شھرين کي جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏني وڃي ۽ عوام کي بھترين ۽ سستي سفري سھولت ڏني وڃي، عوام کي بھترين ۽ سستي سھولت ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. سندس چوڻ ھو تھ عوام کي بھتر سفري سھولتن جي فراھمي جي لاءِ مختلف ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا وڌيڪ روٽس بھ شروع ڪيا پيا وڃن، جنھن سان شھرين کي محفوظ، آرامدھ ۽ ڀروسي جوڳي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سھولت حاصل ٿئي.










