ڪراچي کان سانگهڙ ويندڙ بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت

ڪراچي کان سانگهڙ ويندڙ بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت

سانگهڙ (ن س )سانگهڙ جي علائقي ٽنڊوآدم-جهول روڊ تي مسافر بس ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب ڪراچيءَ کان سانگهڙ ويندڙ مسافر بس ۽ سانگهڙ کان سعيدآباد ويندڙ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. زخمين کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ دوران هڪ ٻي زخمي عورت به دم ڏئي ڇڏيو. فوتين ۾ 2 مرد، 2 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن، جن جو تعلق ضلعي مٽياريءَ سان ٻڌايو پيو وڃي. حادثي کانپوءِ بس جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو