ڪوريج تي پابندي، سي اين اين ۽ ٻين پاران ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

ڪوريج تي پابندي، سي اين اين ۽ ٻين پاران ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪوريج تي پابندي لڳايل ٽن قومي خابرو ادارن سي اين اين، پوليٽيڪو ۽ ايم ايس نائو پنهنجي رسائي بحال ڪرائڻ لاءِ آمريڪي آئين جي پهرين ترميم تحت هڪ اهم قانوني درخواست داخل ڪري رهيا آهن.
هن هنگامي درخواست تي واشنگٽن ڊي سي جي ضلعي عدالت ۾ وفاقي جج ٻڌڻي ڪندو، ۽ ممڪن آهي ته انتظاميا طرفان ٻڌڻي ۽ قانوني دليلن جو عمل هن ئي هفتي شروع ٿي وڃي.
ٽنهي ميڊيا ادارن سومر ڏينهن گڏيل بيان ۾ چيو، ”اڄ صبح اسان حڪومت کي اطلاع ڏنو آهي ته اسان اڄ ئي پنهنجي پهرين آئيني ترميم تحت حاصل حقن جي تحفظ ۽ ان اصول جي دفاع لاءِ ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون ته حڪومت اهو فيصلو نٿي ڪري سگهي ته پريس ڇا رپورٽ ڪري يا ڇا شايع ڪري.“
خبرن جي ادارن چيو، ”ڪنهن به اڳواٽ اطلاع يا قانوني طريقيڪار کانسواءِ وائيٽ هائوس اسان جي صحافين جا اجازت ناما ان ڪري رد ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته انتظاميا کي اسان جي رپورٽنگ تي اعتراض هو. جيڪڏهن ان کي چئلينج نه ڪيو ويو ته اهو پريس جي آزادي ۽ عوام جي ان حق لاءِ خطرو بڻجي ويندو، جنهن تحت هو حڪومتي مداخلت کان آزاد صحافت تائين رسائي رکن ٿا.“
هي تڪرار هن وقت تائين ٽرمپ انتظاميا پاران پريس تي ڪيل سڀ کان وڌيڪ نمايان ڪاررواين مان هڪ آهي، جنهن جا اثر انهن ٽن پابندي لڳايل خبرن جي ادارن کان گهڻو اڳتي وڃي سگهن ٿا. ٽرمپ گذريل جمعي ڏينهن، جڏهن هن پابندي جو اعلان ڪيو هو، چيو هو ته ٻين ادارن کي پڻ هن فهرست ۾ شامل ڪري سگهي ٿو.
پابندي مڙهيل ٽنهي ادارن جا رپورٽر هاڻي وائيٽ هائوس اندر پنهنجي ڪم جي جڳهن تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ کين وائيٽ هائوس جي احاطي اندر پنهنجا ٽيليويزن سامان ۽ ڪيمرا لڳائڻ وارا هنڌ استعمال ڪرڻ کان پڻ روڪيو ويو آهي.
سومر ڏينهن سي اين اين کي وڏن خبرن جي ادارن وچ ۾ گڏيل طور تي ورهايل پول ڪوريج جي ذميوارين مان به هٽايو ويو. سي اين اين کي سومر ڏينهن ٽيليويزن پول جي ڊيوٽي ڪرڻي هئي ۽ صدر سان گڏ نيويارڪ وڃڻو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو