پنو عاقل (ن س) پنوعاقل لڳ ڳوٺ الهيار ٽانوري ۾ سڱاوتي جي معاملي تان ٽانوري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل جهيڙي دوران هڪ ڌر جا محمد، شريف، محراب، عبدالله، سهراب، محمد ابراهيم ۽ نذير احمد زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ٻي ڌر جا پيراڻو، محمد علي، مائي گل بانو، مائي خديجه، مائي بيگم، مائي رحيمان ۽ ٻيا پڻ زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. زخمين جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي جو مسئلو هلندڙ هو، جنهن بابت فيصلو به ٿي چڪو آهي، پر مخالف ڌر فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن تان جهيڙو پيش آيو.










