لاڙڪاڻو:(ن س) قمبر ڀرسان مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاڪم شاھ ٿائنريو ۾ سيد ذات جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عبدالله شاھ ٻن پٽن رضوان شاھ ۽ ثناء الله سميت زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي زخمين کي وارثن سان گڏ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي 52 ورهين جو عبدالله شاھ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته زخمين رضوان شاھ ۽ ثناء الله شاھ کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ان حوالي سان قتل ٿي ويل جي وارث امير شاھ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فتن شاھ جي ڌر زميني تڪرار تان هٿياربند ساڻ ڪري حملو ڪيو آهي جنهن نتيجي ۾ عبدالله شاھ قتل ٿي ويو آهي سندس جا ٻه پٽ ثناء الله شاھ ۽ رضوان شاھ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن لاڙڪاڻو: هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته قتل ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.










