ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس آءِ يو ٽي ۽ سينٽرل ضلعي جي پوليس اهلڪارن وچ ۾ جهيڙي واري معاملي تي پوليس اختيارين ڪارروائي ڪندي 16 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا جي جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس سب انسپيڪٽر نورالله جان پٺاڻ سميت سينٽرل پوليس جي 4 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سي آءِ اي پوليس جي 12 اهلڪارن خلاف به معطليءَ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. جاچ رپورٽ موجب مخبر جي اطلاع تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران صورتحال خراب ٿي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهيڙي دوران سي آءِ اي پوليس جي اهلڪارن مبينا طور سينٽرل ضلعي جي ڊي ايس پي جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو ۽ کيس زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. واقعي جي جاچ کانپوءِ ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين طرفان 16 اهلڪارن جي معطليءَ کي جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ کنيل قدم قرار ڏنو ويو آهي.










