ڪورنگي ۾ واٽر ٽينڪر جو ٽڪر، شهري فوت

ڪورنگي ۾ واٽر ٽينڪر جو ٽڪر، شهري فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي سنگر چورنگي ڀرسان واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شهري فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.ريسڪيو ذريعن موجب فوتي جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي پڻ طبي امداد ڏني وئي.حادثي کانپوءِ مشتعل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ روڊ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي. ريسڪيو ذريعن موجب ڪجهه دير کانپوءِ روڊ تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو