ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناردرن باءِ پاس ايم ڊي ڪٽ ڀرسان بس جي ٽڪر ۾ روڊ تان گذرندڙ شهري فوت ٿي ويو. ريسكيو اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ مصطفيٰ نالي سان ٿي آهي. حادثي کانپوءِ ريسڪيو اهلڪارن لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.ريسكيو اختيارين موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن دوران فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 690 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيوي ٽريفڪ سبب پيش ايندڙ حادثن ۾ هن وقت تائين 210 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.










