ڪراچي ۾ مرغي جو گوشت 740 رپيا ڪلو ٿي ويو

ڪراچي ۾ مرغي جو گوشت 740 رپيا ڪلو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مرغي جي گوشت جي اگهن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گوشت عام واهپيدارن جي پهچ کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي. آڪٽوبر مهيني دوران زنده مرغي جي قيمت ۾ 110 رپيا في ڪلو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اگهه 358 رپين مان وڌي 468 رپيا في ڪلو ٿي ويو. ساڳئي عرصي دوران مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ 170 رپيا في ڪلو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ اگهه 570 رپين مان وڌي 740 رپيا في ڪلو ٿي ويو. ٻئي طرف ڪمشنر جي سرڪاري اگهه لسٽ موجب زنده مرغي جي قيمت 456 رپيا ۽ گوشت جي قيمت 685 رپيا في ڪلو مقرر ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو