لندن (ويب ڊيسڪ)پهرئين ميچ ۾ شڪست کانپوءِ انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي.سيريز جو ٻيو ٽيسٽ ميچ 27 آگسٽ کان لارڊز ۾ ٿيندو. لنڊن پهچڻ بعد ڪنڊيشنز کي سامهون رکي پلئنگ اليعون (Playing XI) کي حتمي شڪل ڏني ويندي.ذريعن موجب ليڊز ٽيسٽ ۾ وڏي مارجن سان شڪست کانپوءِ مينجمينٽ ٽيم ۾ تبديلين تي غور ڪري رهي آهي، وڪٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي آرام ڏنو وڃي سگهي ٿو.مينجمينٽ بابر اعظم جي واپسي لاءِ پُراميد آهي، جيڪو آڱر جي سٽ سبب پهريون ٽيسٽ نه کيڏي سگهيو هو. سندس واپسيءَ جي صورت ۾ اذان اويس کي ڊراپ ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊن جي خشڪ حالتن سبب ٽيم 2 اسپينرس سان ميدان تي لهي سگهي ٿي، جڏهن ته رفتار جي ڪري لارڊز ٽيسٽ لاءِ فاسٽ بالر عبيد شاهه کي ترجيح ڏيڻ جو امڪان آهي.










