ٿرپارڪر (ن س )ٿرپارڪر ۾ 30 ورهين جي عورت جي مبينا طور فوت ٿيڻ جو ڪيس مڙس ۽ ڏير سميت 4 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعو 3 آڪٽوبر تي پيش آيو هو، نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ايف آءِ آر موجب، فوتڻ جي ڀاءُ الزام هنيو آهي ته پٽ ڄڻڻ نه ٿيڻ تان سندس ڀيڻ کي مڙس پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ مهڻا پڻ ڏنا ويندا هئا، جڏهن ته مڙس ٻي شادي ڪرڻ جو خواهشمند پڻ هو. فريادي موجب، ساهرن عورت جي موت کي دل جو دورو قرار ڏنو ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانسواءِ ئي سندس تدفين ڪري ڇڏي. فوتڻ جي ڀاءُ شڪ ظاهر ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي.










