لاڙڪاڻو)ن س) لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نئين ديري جي ڳوٺ حسن واهڻ جا رهواسي الهورايو کوکر، سندس ڀاءُ منصور، علي شير کوکر ۽ ڪار جو ڊرائيور غلام محب مڱڻيجو مارجي ويا.وارثن جو چوڻ آهي ته کوکر برادري جي ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش اچڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.










