لسبيله ۾ بس ۽ وين جو ٽڪر، 12 ڄڻا فوت

لسبيله ۾ بس ۽ وين جو ٽڪر، 12 ڄڻا فوت

لسبيله)ويب ڊيسڪ) اوٿل زيرو پوائنٽ وٽ مسافر بس ۽ مني وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس اختيارين موجب حادثو لسبيله جي اوٿل زيرو پوائنٽ وٽ پيش آيو. فوتين ۾ 3 عورتون پڻ شامل آهن.پوليس موجب مسافر بس گوادر کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جڏهن ته مني وين ڪراچي کان لسبيله ڏانهن وڃي رهي هئي. حادثي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن ۽ ٻين ريسڪيو ادارن فوري طور ڪارروائي ڪندي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. اختيارين موجب حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو