سپريم ليڊر جو صدر کي مهانگائي ۾ گھٽتائي آڻڻ جي هدايت

سپريم ليڊر جو صدر کي مهانگائي ۾ گھٽتائي آڻڻ جي هدايت

تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبٰي خامنه اي قومي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ، مهانگائي ۾ گھٽتائي، مقامي سطح تي شين جي پيداوار وڌائڻ، در آمدات ۾ گھٽتائي ۽ ڊالر تي ڀاڙڻ واري عمل کي تدريجي طور ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. سپريم ليڊر امريڪا پاران مڙهيل جنگ دوران عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي صدر مسعود پزشڪيان جي انتظاميا کي سراهيو. ٻئي طرف ايران نئين امريڪي اقتصادي پابندين کي رياستي دهشتگردي قرار ڏيندي سڀني ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ايران خلاف امريڪي پابندين تي عملدرآمد کان پاسو ڪن. واضح ڪيو ويو ته امريڪي پابندين ۾ شرکت غيرقانوني امريڪي قدمن ۾ مدد ڪرڻ جي برابر آهي.ان کان علاوه صدر مسعود پزشڪيان سعودي عرب ۽ امارات سميت خطي جي ملڪن سان تعاون جي آڇ ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته ايران عارضي معاهدي تي عملدرآمد دوران لڳ بھڳ 9 ڪروڙ بيرل تيل وڪرو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو