سکر (ن س) ڊي سي آفيس جي پٺئين پاسي ڊي ايڇ او آفيس آڏو گرين بيلٽ مان نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو، سکر ۾ ڊي سي آفيس جي پٺئين پاسي ڊي ايڇ او آفيس جي سامهون گرين بيلٽ مان نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي ايدهي ايمبولينس ذريعي نئين ڄاول ٻار جو لاش ايدهي سينٽر سکر منتقل ڪيو ويو.ايدهي ذريعن موجب ضروري ڪارروائي بعد نئين ڄاول ٻار جي ميت کي نوان ڳوٺ قبرستان منتقل ڪري تدفين ڪئي ويندي.










