گلشن حديد ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين جا لاش هٿ

گلشن حديد ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين جا لاش هٿ

ملير (رپورٽ فاروق ڀنگوار) ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ بن قاسم جي علائقي گلشن فلڪ ناز جي هڪ رهائشي گهر مان هڪ ئي خاندان جي پنجن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن. فوت ٿيندڙن ۾ گهر جو مالڪ شاهزيب، سندس زال صبا، ڀيڻ شمائلا ۽ ٻه ننڍڙا ٻار آريا ۽ آئزن شامل آهن. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي جڏهن ته پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پنجن ئي لاشن جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، البته موت جي حتمي سببن بابت فرانزڪ ۽ ٻين جاچ رپورٽن جو انتظار آهي.پوليس موجب واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پوليس ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، گهر جو معائنو ڪيو ۽ گهر جي مالڪ بابت شروعاتي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ موجود ثبوت گڏ ڪيا. بعد ۾ پنجن ئي لاشن کي قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب شروعاتي تلاشي دوران گهر مان هڪ پستول هٿ آيو، جڏهن ته شاهزيب جي کيسي مان هڪ خط پڻ مليو آهي، جنهن کي جاچ جو حصو بڻايو پيو وڃي. شروعاتي معلومات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهزيب مبينا طور معاشي مشڪلاتن جو شڪار هو. پوليس موجب بظاهر واقعو خودڪشي سان لاڳاپيل لڳي ٿو، البته سڀني پهلوئن جي جاچ جاري آهي ۽ ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ثبوتن ۽ فرانزڪ رپورٽن جو جائزو ورتو ويندو. پوليس جي شروعاتي معلومات موجب مڙس ۽ زال کي گوليون لڳڻ جا ثبوت سامهون اچڻ جي اطلاع آهي، جڏهن ته ٻين ٽن ڄڻن جي موت ۾ زهر جي استعمال جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. البته اهي تفصيل هن وقت شروعاتي نوعيت جا آهن ۽ انهن جي حتمي تصديق پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽ مان ئي ممڪن ٿي سگهندي. اختيارين ان ڳالهه جو به جائزو وٺي رهيا آهن ته واقعي وقت گهر ۾ ڪهڙا حالات هئا ۽ پنجن ئي ڄڻن جي موت ڪهڙن حالتن ۾ ٿي. ٻئي طرف آئي جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايسٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي، واقعي واري هنڌان ملندڙ ثبوت محفوظ ڪيا وڃن ۽ سمورا ضروري قانوني تقاضا پورا ڪندي موت جي اصل سببن جي خبر لڳائي وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو پيو وڃي. جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ باوجود موت جي حتمي سبب، مبينا زهر جي استعمال ۽ ٻين اهم ثبوتن جي تصديق لاڳاپيل رپورٽون سامهون اچڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو