ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته غريبن جي امداد کي خيرات چوڻ غريب دشمن، منافقانه سوچ جي نشاني آهي، حافظ نعيم طرفان غريب عورتن ۽ ضرورتمند خاندانن جي توهين ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته حافظ نعيم طرفان غريب عورتن ۽ ضرورتمند خاندانن جي توهين ڪرڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي غريب کي ٻن وقتن جي ماني لاءِ سهارو ڏيڻ تي سياست بي حسي آهي، ڪراچي جي عوام جيڪڏهن پيپلز پارٽي سان نفرت ڪري ها ته اڄ ميئر هڪ جيالو نه هجي ها.هن چيو ته جماعت اسلامي امير سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ غريبن جي امداد واري حق کي تڪراري نه بنائي، حافظ نعيم جي غريبن جي مدد تي طعنا ڏيڻ سان غربت ختم نه ٿيندي آهي، انقلابي قدم کڻڻا پوندا آهن. جماعت اسلامي غريبن جي زخمن جي لوڻ ٻرڪڻ بجاءِ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڪو ڪارنامو ٻڌائي. سنڌ جي سينئر وزير چيو ته غريب جي مدد ڪرڻ انهي جي تذليل نه هوندي آهي پر رياست، حڪومت جي اها ذميواري آهي، بي آءِ ايس پي دنيا جو بهترين پروگرام آهي جنهن جو اعتراف عالمي ادارن به ڪيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي تنقيد اصل ۾ غريب عورتن ۽ مستحق خاندانن جي توهين آهي. پيپلز پارٽي هميشه غريبن کي سهارو ڏنو آهي. جماعت اسلامي صرف پريس ڪانفرنسن جي سياست ڪندي رهي آهي.










