اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي منڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، پنهنجي بيان ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته نه ته معاملو فائنل ٿيو آهي ۽ نه ئي منڱڻي ٿي آهي.هن اهو به چيو ته سوشل ميڊيا مون کي پنهنجي ڳالهه کي فائنل ڪرڻ، منڱڻي ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حقيقت ۾ هي هڪ سوشل ميڊيا تماشو آهي جيڪو عوام جو ڌيان اصل مسئلي تان هٽائڻ لاءِ آهي.










