اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افغانستان طرفان پاڪستان ۾ ڊرون ذريعي مبينا دراندازيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊرون حملا پاڪستان جي خودمختياريءَ جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. هن ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ تي هٿياربند فوجن کي خراج تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته سيڪيورٽي اختيارين مهارت سان سمورن 8 ڊرونن کي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪندي افغانستان ۾ ڊرون موڪلڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ وارن 10 هنڌن کي نشانو بڻائي، مبينا بزدلاڻي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو.پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته افغان اختيارين جواب ڏين ته سندن سرزمين تان پاڪستان تي حملا ڇو ۽ ڪيئن ڪيا ويا. افغان حڪومت جي ذميواري رڳو حملن کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ تائين محدود ناهي.هن وڌيڪ چيو ته حملن کي روڪڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ افغان حڪومت جي ذميواري آهي. پائيدار امن لاءِ ضروري آهي ته افغانستان مان پاڪستان خلاف هٿياربند ڪاررواين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.










