مٽياري (ن س)سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافيائي سالميت جي تحفظ لاءِ ٻٻرلوءِ کان ڪراچي تائين نڪتل ڌرتي مارچ مٽياري پهچي ويو، جتي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي وڪيل اڳواڻن ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري، حسيب جمالي ۽ ٻين مارچ جي شرڪت ڪندڙن جو ٽائون ڪميٽي چيئرمين سيد حسن مرتضيٰ شاهه ۽ صحافين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو.ان موقعي تي وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جو ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور نموني وڙهڻ لاءِ ٻٻرلوءِ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي، سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ يا صوبا ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي. وڪيل اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، جنهن جي ورهاڱي جي ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو. ڌرتي مارچ جو مقصد سنڌ جي وحدت جي تحفظ ۽ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ آهي.










