ڪراچي: ڌاڙيلن جي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

ڪراچي: ڌاڙيلن جي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سائيٽ سپر هاءِ وي فقيرا ڳوٺ ۾ گهر اندر ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب چاند بنگلي ڀرسان 4 هٿياربند ڦر جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيا ته گهر ڀاتين جي شور تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي ٻئي ڀائر آهن. شروعاتي جاچ موجب واقعو ڦر دوران مزاحمت جو لڳي ٿو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان 30 بور پسٽل جا 2 خول پڻ هٿ آيا آهن. مقتول جي ڀاءُ عدنان ٻڌايو ته هو ڀائر گڏجي ميوي جو ڪاروبار ڪندا آهن. مقتول عامر ٽن ٻارن جو پيءُ هو ۽ سندن اباڻو تعلق رحيم يار خان سان آهي.پوليس موجب ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو