سکر (ن س) ٿاڻي نيو پنڊ جي حدن ۾ ريلوي ڪراسنگ ڀرسان گشت دوران پوليس جو مبينا طور واردات جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب گرفتار زخمي ڌاڙيل جي سڃاڻپ غلام رسول سبزوئي طور ٿي آهي، جيڪو ڦرلٽ، چوري، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترين ئي سنگين وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو.پوليس زخمي جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. زخمي ڌاڙيل کي طبي امداد لاءِ لاڳاپيل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. پوليس رڪارڊ موجب غلام رسول سبزوئي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ ايف آءِ آر نمبر 319/2026، قلم 324، 353، 399، 34 پي پي سي، ٿاڻو سي سيڪشن، ايف آءِ آر نمبر 151/2026، قلم 324، 353، 399، 401 پي پي سي، ٿاڻو نيو پنڊ ۽ ايف آءِ آر نمبر 152/2026، قلم 24 سنڌ آرمز ايڪٽ، ٿاڻو نيو پنڊ شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڌاڙيل جي وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ بابت مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان پڻ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.










