اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فوج جي ميڊيا معاملن واري شعبي آچر ڏينهن چيو آهي ته بلوچستان جي شابان ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل 96 ڪلاڪن دوران 71 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته قابلِ اعتماد انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز 21 سيپٽمبر تي ”زيارت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف تيز رفتار آپريشن“ شروع ڪيو هو.
بيان ۾ چيو ويو ته ”پاڪ فوج جو آپريشن اڳتي وڌڻ سان گڏ، آپريشن شابان ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ گذريل 96 ڪلاڪن دوران هيل تائين 71 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن، جنهن سان ڀارت جي پٺڀرائي رکندڙ افغان پراڪسيز کي سخت ڌچڪو رسيو آهي.“
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن شابان، ضلعي ڪوئيٽا جي عام علائقي ۾ ”ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جا ڪيترن ئي ٺڪاڻن“ جي سڃاڻپ ڪئي هئي، جيڪي مقامي آبادي لاءِ خطرو بڻيل هئا.
رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) لاءِ فتنه الخوارج جو اصطلاح استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته بلوچستان ۾ سرگرم مخصوص گروهن لاءِ فتنه الهندستان جو اصطلاح استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام ۾ ڀارت جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته شابان ۾ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن سان مقابلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي صاف ڪيو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 33 ”ڀارت جي سرپرستي هيٺ دهشتگرد“ مارجي ويا، جڏهن ته انهن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل 72 ڪلاڪن دوران آپريشن ۾ وڌيڪ شدت آندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر چيو ته ”سيڪيورٽي فورسز هڪ وسيع علائقو صاف ڪري مقامي برادرين کي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خطري کان نجات ڏياري آهي. خطري جي مڪمل خاتمي تائين علائقو صاف ڪرڻ جي ڪارروائي جاري رهندي.“
23 سيپٽمبر تي شابان آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 13 ٿي ويو هو، جيڪو ايندڙ ڏينهن وڌي 22 تائين پهچي ويو.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته 25 سيپٽمبر، جمعي ڏينهن، نوشڪي ۾ هڪ الڳ انٽيليجنس بنياد آپريشن (آءِ بي او) دوران 11 ”ڀارت جي سرپرستي هيٺ دهشتگرد“ مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، مند واري علائقي ۾ وڌيڪ 6 ”فتنه الهندستان جا دهشتگرد“ پڻ مارجي ويا، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته ”افغان طالبان حڪومت جي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، جنهن کي ڀارت جي پٺڀرائي ۽ سرپرستي حاصل آهي، پاڪستان ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي خطرو پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.“
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل ”عزمِ استحڪام“ جي تصور تحت دهشتگردي خلاف مهم پوري عزم سان جاري رهندو.
اڳوڻن آءِ ايس پي آر بيانن موجب، 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي ڪيچ ۽ ڪوئيٽا ويسٽ ۾ ”اڳواٽ“ انٽيليجنس بنياد آپريشنن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا هئا.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ماهوار جائزي موجب، صوبي ۾ دهشتگرد حملن جو انگ جولاءِ ۾ 83 کان وڌي آگسٽ ۾ 89 ٿي ويو، يعني 7 سيڪڙو اضافو ٿيو.
”پرڏيهي سرپرستي هيٺ دهشتگردي“
صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو.
صدر هائوس پاران ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن صوبي اندر ڪيترن ئي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي صاف ڪرڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.
صدر زرداري زور ڏيندي چيو ته آپريشن ان وقت تائين جاري رهندا، جيستائين ”پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد سان وڌايل“ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو نه ڪيو وڃي.
صدر وڌيڪ چيو ته ”دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ خدمتون سڄي قوم لاءِ فخر جو باعث آهن.“
گهرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جا ”ناپاڪ ارادا“ ناڪام بڻايا ويا آهن.










