ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان فتنه الھندوستان جي دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن رد الفتنه جاري آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي واشڪ پلانٽڪ علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشن ڪيو ۽ 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته دهشتگرد ماشڪيل پوليس اسٽيشن ۽ ڪسٽم هائوس تي حملي ۾ ملوث هئا. آپريشن ۾ دهشتگردن جي گاڏي تباهه ٿي وئي ۽ انهن کان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته هٿ ڪيل هٿيار ۽ گولا بارود غير مسلح بلوچ ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ استعمال ٿيڻو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن بلوچستان مان فتنہ الھندوستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندا.










