سکر (بيورو رپورٽ): ايف آءِ اي جي مؤثر قانوني پيروي جي نتيجي ۾ حراست دوران فوتگي جي اهم ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جون گرفتاري کان اڳ ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ايف آءِ اي موجب شهيد بينظيرآباد ڪيس نمبر 02/2026 ٽارچر اينڊ ڪسٽوڊيل ڊيٿ (پريوينشن اينڊ پنشمينٽ) ايڪٽ 2022ع جي قلم 9، جڏهن ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 302، 34 ۽ 109 تحت داخل ڪيو ويو هو. جوابدارن تي پوليس حراست دوران مبينا تشدد ۽ هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جا الزام آهن.
ضمانت جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ سمورن 6 جوابدارن کي تحويل ۾ ورتو ويو. جوابدارن ۾ عابد حسين بروهي (SDPO)، رحمت علي وساڻو (SI/SHO)، علي حسن بروهي (ASI)، آصف اقبال (WHC)، سرفراز نواز شيخ (PC) ۽ سردار علي لغاري (HC-2280) شامل آهن، جيڪي پوليس اسٽيشن سنجهورو سان لاڳاپيل آهن.
ايف آءِ اي موجب معزز سپريم ڪورٽ ڪيس جي حقيقتن ۽ دستياب رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ايف آءِ اي سکر زون جي ترجمان موجب حراست دوران تشدد، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان لاڳاپيل معاملن ۾ غيرجانبدارانه جاچ، مؤثر قانوني پيروي ۽ قانون موجب ڪارروائي جاري رکي ويندي.










