سنڌ ۾ امڪاني برسات، اختيارين کي الرٽ رهڻ جو حڪم

سنڌ ۾ امڪاني برسات، اختيارين کي الرٽ رهڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي.بحالي واري کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروسز 1122 کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.گيانچند ايسراڻي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ادارن کي ضروري ۽ گهربل قدم مڪمل رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 13 کان 16 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برسات، گاج ۽ تيز هوائن جو سلسلو متوقع آهي. ٽنڊو محمد خان، سجاول، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ هوائن ۽ گاج سان گڏ برسات جو امڪان آهي.سانگهڙ، خيرپور، حيدرآباد، ٽنڊو الھيار، مٽياري، شهيد بينظيرآباد ۽ ڄامشورو ۾ هلڪي کان وچ واري برسات متوقع آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ پڻ 14 کان 16 سيپٽمبر دوران وقفي وقفي سان گاج سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي.وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي سمورن ڊپٽي ڪمنشنرن، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ لاڳاپيل کاتن کي مشينري ۽ عملو تيار رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هيٺائين وارن علائقن، برساتي نالن ۽ حساس جڳهن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، ڊي واٽرنگ مشينري ۽ ٻين وسيلن کي فعال رکيو وڃي.شهرين جي جاني ۽ مالي تحفظ جي اولين ترجيح آهي. ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پي ڊي ايم اي ۽ ريسڪيو ادارا الرٽ رهن. وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي عوام کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو