قومي اسيمبلي ۾ اضافي ڪفايت شعاري قدم لاڳو

قومي اسيمبلي ۾ اضافي ڪفايت شعاري قدم لاڳو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي سيڪريٽڙيٽ ۾ فوري طور تي اضافي ڪفايت شعاري قدم لاڳو ڪيا ويا آهن. پڌرائي موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا 50 سيڪڙو ملازم آفيسن ۽ 50 سيڪڙو گهر ۾ ڪم ڪندا، ملازمن جي لاءِ گهر ۾ ڪم جي دوران ٽيليفون، اي ميل ۽ واٽس ايپ تي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ضرورت پوڻ تي هڪ ڪلاڪ جي نوٽيس تي آفيس پهچڻو پوندو. گهر ۾ ڪم ڪندڙ 50 سيڪڙو ملازم ڊائٽ الائونس ۽ اوور ٽائم چارجز جا حقدار نه هوندا.پڌرائي موجب سرڪاري گاڏين جي لاءِ تيل جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اهي قدم ٽن مهينن جي لاءِ لاڳو هوندا جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ هر قسم جي نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. انهي کان علاوه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ سمورين قسمن جي پائيدار شين جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر آئي ٽي سامان خريداري تي پابندي کان ڇوٽ حاصل آهي.پڌرائي موجب 3 مهينن جي لاءِ پرڏيهي دورن ۽ سرڪاري سفري خرچن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. عالمي ترقياتي ڀائيوارن جي اسڪالر شپس، مخصوص تربيتي پروگرام سفري پابندي کان آجا هوندا. جڏهن ته پرڏيهي وفدن کان علاوه سرڪاري آجياڻا منعقد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.حڪومت طرفان فنڊڊ سرڪاري سيمينارز، تربيتي پروگرامز ۽ ڪانفرنسز تي پابندي لڳائي وئي آهي، ضروري سرڪاري تقريبن جي لاءِ آڊيٽوريم ڪميٽي رومز ۽ ٻيون سرڪاري سهولتون استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پيپرليس ورڪنگ ماحول ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي لاءِ اضافي ڪفايت شعاري قدم فوري طور تي لاڳو هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو