سڳيون: موٽر چوري جي ڪوشش، هڪ چور مارجي ويو

سڳيون: موٽر چوري جي ڪوشش، هڪ چور مارجي ويو

سڳيون(ن س) ڳوٺ حاجي جواڻ ڪلهوڙو ۾ زمين تان موٽر چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو. ذريعن موجب مارجي ويل ڄڻي جي سڃاڻپ حاڪم ڪلهوڙو طور ٿي آهي. واقعي کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو