راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ-افغان سرحد جي ويجهو فتنه الخوارج جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، سيڪيورٽي فورسز پيشيورانه انداز ۾ دهشتگردن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ۽ 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جي مطابق، مارجي ويل خارجين کان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي، ۽ خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ۽ افغان طالبان حڪومت دهشتگرد تنظيم کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، افغان طالبان حڪومت موثر سرحدي انتظام کي يقيني بڻائڻ ۽ پنهنجين بين الاقوامي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، ۽ دهشتگردي جي خلاف مهم پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ جاري رهندي.










