ڪوهاٽ: پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 7 اهلڪار زخمي

ڪوهاٽ: پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 7 اهلڪار زخمي

ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) شادي پور ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي دوران فائرنگ ۾ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابي فائرنگ بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا.ڊي پي او مظهر اقبال موجب پوليس اهلڪارن دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. زخمي اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو