گوادر ۾ عورت سميت 10 ڀارت نواز دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان

گوادر ۾ عورت سميت 10 ڀارت نواز دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آءِ ايس پي آر جمعي ڏينهن چيو آهي ته بلوچستان جي ضلعي گوادر ۾ مختلف جهڙپن دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز رياست جي عملداري کي ڪمزور ڪرڻ جون سندن ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون.
فوج جي ترجمان اداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته 22 آڪٽوبر تي ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم ”فتنه الهندستان“ سان لاڳاپيل دهشتگردن گوادر ضلعي جي گبد بارڊر ڪراسنگ ۽ گوادر شهر جي مختلف علائقن ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رياست بلوچستان ۾ سرگرم ڪجهه گروپن کي ”فتنه الهندستان“ جو نالو ڏنو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بدامني پکيڙڻ ۾ ڀارت جي مبينا ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، انهن هنڌن کي نشانو بڻائي دهشتگرد نه رڳو انهن ماڻهن کي نقصان پهچائڻ چاهين پيا، جن جي نمائندگي ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون به پيدا ڪرڻ چاهين پيا. علائقي جي رهواسين جي تحفظ ۽ علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز گوادر شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيا.
بيان ۾ چيو ويو ته مختلف جهڙپن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا منصوبا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ رياست جي عملداري کي ڪمزور ڪرڻ توڙي پنهنجي غلط فهميءَ تي ٻڌل ايجنڊا پکيڙڻ جي سندن ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ عورت دهشتگرد سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگرد حملن دوران هڪ شهري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه گاڏين کي نقصان پهتو. سيڪيورٽي فورسز کي ڪنهن به جاني نقصان کان سواءِ آپريشن مڪمل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ امن امان ۽ رياست جي عملداري بحال ڪئي وئي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هڪ بلوچ عورت کي زبردستي حملي ۾ شامل ڪرڻ نه رڳو رياست خلاف ڏوهه آهي، پر بلوچ عورتن جي عزت ۽ حرمت جي به ڀڃڪڙي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، اهڙي عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگرد پنهنجي پروپيگنڊا لاءِ بلوچ عورتن جو بي رحميءَ سان استعمال ڪري رهيا آهن، ته جيئن عوام جي جذبن کي ڀڙڪائي پنهنجي مهم کي ڪوڙو تقدس ڏئي سگهن. اهڙيون حڪمت عمليون بلوچ ۽ اسلامي روايتن جي ابتڙ آهن، جن ۾ عورتن کي وڏي عزت ڏني ويندي آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان جا ماڻهو مسلسل انهن عنصرن کي رد ڪندا رهيا آهن، جيڪي سندن نالي تي رت وهائين ٿا، ۽ اهي هن فريب کي به سمجهي ويندا.
آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستيءَ ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر جو اهو بيان هڪ ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو، جڏهن سيڪيورٽي ذريعن چيو هو ته گوادر ۾ هڪ غيرآباد تعميراتي ڪمپنيءَ جي ڪئمپ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز ٽن دهشتگردن کي ماريو هو.
گذريل ڪجهه سالن دوران بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيا آهن.
هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ به آءِ ايس پي آر چيو هو ته بلوچستان ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين دوران فوج جو هڪ ميجر شهيد ۽ چار دهشتگرد مارجي ويا هئا.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پڪس)جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جو انگ جولاءِ ۾ 83 مان وڌي آگسٽ ۾ 89 ٿي ويو، جيڪو ست سيڪڙو واڌ آهي.
رپورٽ موجب، بلوچستان کي دهشتگرديءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو قرار ڏنو ويو.
گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي تازي ڪاررواين کانپوءِ صدر آصف علي زرداري دهشتگردن جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي.
صدر جي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر دهشتگرديءَ جي واقعي ۾ هڪ شهري جي شهادت تي پڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
بيان ۾ صدر زرداريءَ جي حوالي سان چيو ويو ته بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ماڻهن جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
صدر بلوچستان جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ امن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياسي مفادن لاءِ بلوچ عورتن جي عزت ۽ حرمت کي استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو