ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي ڀرپاسي واري علائقي اغبرگ ۾ پوليس چوڪي تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا.پوليس موجب اغبرگ ۾ پوليس چوڪي تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن بعد پوليس اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ سڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوهاٽ پوليس لائنز جي مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي حملو پڻ ٿيو هو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت 23 ڄڻا شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.










