اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي مارچ 2023ع ۾ وفاقي عدالتي ڪمپليڪس (ايف جي سي) تي ٿيل حملي واري ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي، چاهي کيس ذاتي طور يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي.
اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا اها هدايت پي ٽي آءِ جي باني ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن خلاف رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سومر تي جاري ڪئي.
عدالت اڳوڻن وفاقي وزيرن فَرخ حبيب، حماد اظهر ۽ مراد سعيد ۽ اڳوڻي سينيٽر شبلي فراز کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
جج لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن.
عدالت پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر واصف قيوم ۽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي حسن خان نيازي خلاف به ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور يا وڊيو لنڪ ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.
ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌائيندي عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
18 مارچ 2023ع تي توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان جي وفاقي عدالتي ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيڻ دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون.
اسلام آباد پوليس الزام لڳايو هو ته پارٽي ڪارڪنن عدالتي ڪمپليڪس تي پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس جي هڪ چوڪي کي باهه ڏئي ڇڏي. ان جي جواب ۾ پي ٽي آءِ پڻ پوليس تي الزام لڳايو هو ته پوليس عمران خان جي گاڏي تي شيلنگ ڪئي.










