هن وقت بيڪ ڊور  چينل ڳالهين جي خبر ناهي: راجا

هن وقت بيڪ ڊور چينل ڳالهين جي خبر ناهي: راجا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سندس ڄاڻ موجب هن وقت ڪا بئڪ چينل ڳالهين جي عمل بابت کيس خبر ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته رڳو انديشي جي بنياد تي ڪنهن جا بنيادي حق کسي وٺڻ ڪهڙو انصاف آهي؟ هن چيو ته بي رحمي جون سموريون حدون پار ڪيون ويون آهن ۽ عليمه خان جي نظر بندي کي 9 ڏينهن گذري چڪا آهن. سلمان اڪرم راجا چيو ته هو عدالتن کان انصاف جي اپيل ڪن ٿا، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جي خاندان هڪ مثال قائم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو