لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ)اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي ويو آهي، جتي هو پوچفسٽروم شهر ۾ خاص تربيتي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندو.ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا ۾ 2 هفتا معروف ڪوچ ٽرسيئس لائي بنبرگ جي نگرانيءَ ۾ تربيت حاصل ڪندو. هو ان کان اڳ به ڏکڻ آفريڪا ۾ تربيت حاصل ڪري چڪو آهي.تربيتي ڪيمپ کانپوءِ ارشد نديم هنگريءَ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ايٿليٽڪس الٽيميٽ چيمپئن شپ ۾ شرکت ڪندو. اها چيمپئن شپ 11 کان 13 سيپٽمبر تائين بڊاپسٽ ۾ شڊول ٿيل آهي.










