اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فوج جي ميڊيا معاملن واري شعبي ڇنڇر ڏينهن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف، فيلڊ مارشل عاصم منير، واهه ڪينٽ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري (پي او ايف) جو دورو ڪيو، جنهن دوران اداري جي ”پيداوار ي صلاحيتن، برآمدي امڪانن ۽ ملڪ جي دفاعي صنعتي بنياد ۾ ان جي ڪردار“ جو جائزو ورتو .
آءِ ايس پي آر موجب، دوري دوران سي ڊي ايف عاصم منير کي پي او ايف جي مختلف آپريشنن ۽ مقامي سطح تي مختلف قسمن جي فوجي سامان جي تياري ۽ پيداوار ذريعي قومي دفاع کي مضبوط ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر چيو ته هن مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل هٿيارن ۽ گولا بارود جا تجربا ۽ آزمائشون پڻ ڏٺيون، جيڪي جدت، خود انحصاري ۽ پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ پي او ايف جي عزم کي ظاهر ڪن ٿيون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سي ڊي ايف عاصم منير کي ڊي آءِ پي آر اي آرڊيننس لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڪارپوريٽائيزيشن جي عمل ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، سي ڊي ايف کي مقامي سطح تي پيداوار وڌائڻ ۽ جديد بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، جن تحت ٻه نوان صنعتي پلانٽ لڳايا پيا وڃن، جن مان پيداوار شروع ٿيڻ جو امڪان هلندڙ سال جي آخر تائين آهي.
بيان جي پڄاڻي ۾ چيو ويو ته هي دورو پاڪستان جي دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري، مقامي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي جدت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فوج جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.










