آرامڪو جي آفيس تي حوثين جي حملي بعد باهه لڳي وئي

آرامڪو جي آفيس تي حوثين جي حملي بعد باهه لڳي وئي

دبئي(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جو چوڻ آهي ته اڱاري جي شام حوثي باغين جي حملن سبب اڀرندي صوبي جي شهر ظهران ۾ سعودي آرامڪو جي هڪ انتظامي عمارت ۾ محدود پيماني تي باهه لڳي، جڏهن ته توانائي واري وزارت موجب ان واقعي ۾ ڪو به ماڻهو زخمي نه ٿيو.
رياض ۾ حوثين جا ٻه ڪروز ميزائل روڪڻ کان پوءِ انهن جي ٽُڪرن ڪرڻ سبب چار ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 15 گهرن کي نقصان پهتو. شهري دفاع واري اداري موجب، ان دوران رهواسين کي فضائي حملي جي خطري بابت موبائل فونن تي خبرداريءَ جا پيغام پڻ مليا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته حوثي ”تمام خراب رويو“ اختيار ڪري رهيا آهن ۽ امڪان آهي ته اهي ايران جي چوڻ تي ائين ڪري رهيا هجن. هن چيو ته هو حوثين خلاف سعودي حملن ۾ شامل ٿيڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
حوثين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن مداخلت ڪئي ته اهي آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائيندا.
ان دوران آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ايران جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي.
مسلم ورلڊ ليگ پاران سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي مذمت
مسلم ورلڊ ليگ (MWL) سعودي عرب جي بادشاهت خلاف دهشتگرد حوثي مليشيا جي مسلسل جارحيت ۽ عام شهرين توڙي شهري ملڪيتن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. تازن حملن ۾ چار شهري زخمي ٿيا ۽ رهائشي ملڪيتن کي نقصان پهتو.
مسلم ورلڊ ليگ جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ اداري جي سيڪريٽري جنرل ۽ آرگنائيزيشن آف مسلم اسڪالرز جي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر محمد العيسيٰ انهن غداراڻن دهشتگرد حملن جي مذمت ورجائيندي چيو ته اهي سمورن مذهبي قدرن، عالمي قانونن ۽ انساني همدرديءَ جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن.
هن ڄاڻي واڻي عام شهرين ۽ شهري ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ کي دهشتگرد مليشيا جي ڏوهاري فطرت جو ثبوت قرار ڏنو.
مسلم ورلڊ ليگ جي عالمي ادارن، ڪائونسلن ۽ ان سان لاڳاپيل مسلمان برادرين جي نمائندگي ڪندي العيسيٰ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان جي سلامتيءَ، شهرين ۽ رهواسين جي تحفظ لاءِ جارحيت ڪندڙن کي روڪڻ خاطر کنيل سمورن قدمن جي حمايت جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو