ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ٽن سالن تائين پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ملڪ ۾ هڪجهڙي ۽ مستقل تعليمي پاليسي جوڙڻ ۽ ان تي تسلسل سان عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪامي رهي آهي. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو مسئلو رڳو تعليم کاتي جي ذميواري قرار نٿو ڏئي سگهجي، غربت، آبادي ۾ تيز رفتار واڌ ۽ ٻين شعبن جي عدم توجهه پڻ ان مسئلي جا بنيادي سبب آهن. هن اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن عالمي خواندگي ڏينهن 2026ع جي حوالي سان منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن پاران JICA ۽ UNICEF جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اسڪول ايجوڪيشن سنڌ جي سيڪريٽري زاهد علي عباسي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور لغاري، اسپيشل سيڪريٽرين، ڊائريڪٽر لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن عبدالجبار مري، JICA، UNICEF ۽ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل مختلف ادارن جي نمائندن، ماهرن تعليم، نان فارمل ايجوڪيشن جي شاگردن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 1.6 ملين ٻار پيدا ٿين ٿا. پاپوليشن ڪائونسل جي انگن اکرن موجب هر سال 16 لک ٻارن جي پيدائش ٿئي ٿي، جنهن لاءِ رڳو سنڌ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 30 هزار نون ڪلاس رومن جي ضرورت پوي ٿي. هن چيو ته جڏهن هن پهريون ڀيرو پاپوليشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ انهن انگن اکرن جو جائزو ورتو ته هو حيران ٿي ويو ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيو ته هر سال پيدا ٿيندڙ لکين ٻارن کي تعليمي نظام ۾ ڪيئن شامل ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ ڪيترا نوان ڪلاس روم گهربل هوندا. سيد سردار علي شاهه چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي تعليم تي تمام گهٽ خرچ ڪن ٿا. تعليم تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ خرچ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 4 کان 6 سيڪڙو خرچ تعليم جي شعبي لاءِ مختص ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سطح تي تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر ان لاءِ واضح روڊ ميپ ۽ وفاقي حڪومت جي ڪردار جو تعين ضروري آهي ته اها صوبن جي ڪهڙي ريت مدد ڪندي. سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ لاءِ روايتي تعليمي نظام تي مڪمل ڀاڙڻ بدران نان فارمل ايجوڪيشن سينٽرز ۽ Accelerated Learning Programme جهڙا ماڊل موجود آهن. سنڌ ان سلسلي ۾ پاڪستان جو پهريون نان فارمل ايجوڪيشن نصاب پڻ متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته نان فارمل ڊائريڪٽوريٽ پاران ڪميونٽي بيسڊ پروگرام هلائي رهيا آهن ۽ مختلف ڪميونٽي آرگنائيزيشنز انهن سينٽرن کي هلائي رهيون آهن. هن وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته انهن ڪامياب ۽ گهٽ لاڳت وارن ماڊلز ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ لاءِ صوبن جي مدد ڪري. هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ هر سال وڏي رقم جو PSDP موجود هوندو آهي، جنهن مان اسڪول کان ٻاهر ٻارن لاءِ وسيلا مختص ڪري سگهجن ٿا. سيد سردار علي شاهه چيو ته ٻارن جي مستقبل لاءِ وفاقي حڪومت کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ انهن پروگرامن جي مالي مدد ڪرڻي پوندي، جيڪي اڳ ئي ڪميونٽي سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي خواندگي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هر ٻار کي تعليم جو حق فراهم ڪرڻ رڳو تعليم کاتي جي ذميواري ناهي، پر پوري حڪومتي نظام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سکڻ ۽ سيکارڻ جي شعبي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون. تقريب کي سيڪريٽري زاهد علي عباسي، ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن ۽ JICA ۽ يونيسيف جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي “Literacy for People, the Planet and Prosperity” جي موضوع تي پينل ڊسڪشن پڻ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر دلشاد، ايسوسيئيٽ پروفيسر AKU-IED، ڊاڪٽر خادم حسين ڏاهري، چيئرمين شعبه تعليم، بي بي ايس يونيورسٽي لياري، صابره کتري، چيئرپرسن ڪيران فائونڊيشن ۽ رافيه ملاح، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز شرڪت ڪئي. تقريب دوران Localisation of Affordance/LOU سائننگ سيشن پڻ ٿيو، جنهن ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، PDLC جي ڊائريڪٽر ۽ The Citizens Foundation (TCF) جي وائيس پريزيڊنٽ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نان فارمل ايجوڪيشن جي شاگردن ٽيبلو پيش ڪيو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن پاران ڪاميابين ۽ سرگرمين تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي وئي. شاگردن پنهنجي ڪاميابين جا تجربا ۽ تاثرات پڻ بيان ڪيا. تقريب جي پڄاڻي تي نان فارمل ايجوڪيشن جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۾ تعريفي شيلڊون ورهايون ويون.










