ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪومت 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمادي ڪرڻ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ڪڻڪ جي درآمد لاءِ عالمي ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو.ٽي سي پي موجب درآمد ڪئي ويندڙ ڪڻڪ تازي فصل مان هجڻ گھرجي، جڏهن ته عالمي سپلائرس پاران گھٽ ۾ گھٽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن جي آڇ ئي قبول ڪئي ويندي. ڪڻڪ جي پهچ ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن تي سي ايف آر (CFR) جي بنياد تي ڪئي ويندي.ڪڻڪ جي درآمد لاءِ ٻوليون (Bids) 16 سيپٽمبر تائين صبح 11:30 بجن تائين جمع ڪرائي سگهبيون، جيڪي ان ئي ڏينهن منهنجد 12 بجي کوليون وينديون.ٽي سي پي موجب درآمدي ڪڻڪ صوبن جي گهرج ۽ ضرورت کي مدنظر رکندي ورهائي ويندي، جنهن تحت سنڌ کي 3 لک ميٽرڪ ٽن، پنجاب کي 2 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ خيبرپختونخواه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڏني ويندي.اقتصادي سروي 2025-26 موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 96 لک 10 هزار ٽن رهي، جڏهن ته ملڪي سطح تي سالياني ڪڻڪ جي استعمال جي گهرج لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 13 لک ٽن آهي.










