اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ڪيترين ئي اهم سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظور ڪيل سمرين ۾ لوڪ ورثه ترميمي بل 2026ع، اسٽينڊرڊ ٽائيم ترميمي بل 2026ع ۽ بحري جهازن ۾ موجود نقصانڪار مواد جي ماحول دوست انتظام بابت بل 2026ع شامل آهن.تفصيل موجب صدرِ مملڪت پمز اسپتال جي اسٽاف نرس رضيه نورين کي تمغه شجاعت ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. نرس رضيه نورين باهه لڳڻ جي خطرناڪ واقعي دوران پنهنجي جاني خطري ۾ وجهي واحد زنده بچندڙ ٻار کي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو هو. ان کان علاوه صدر آصف علي زرداري آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي راولپنڊي جي ‘ٽيبل آف آرگنائيزيشن ۽ اڪوئپمينٽ’ ۾ نظرثاني جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.










